اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي هن نازڪ موڙ تي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهجي ٿي، عالمي برادر?? تي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان گڏيل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. سي اين ا?? تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جون نظرون هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان تي آهن. عالمي برادري جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. چئلينج اهو آهي ته افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي مفادن کان ??ٿانهون ٿي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. چار ڏهاڪن کان ??ڌيڪ عرصي کان جاري تڪرارن افغان عوام کي وڏو جاني نقصان ??هچايو آهي. انهن کي انهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ضرورت آهي، پاڪست??ن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ڏسڻ جو سڀ کان ??ڌيڪ خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان ??ڌيڪ جانيون قربان ڪيون، 4 ملين کان ??ڌيڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪئي ۽ 50 ارب آمريڪي ڊالر کان ??ڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته الزام بازي جي راند ۽ غيرحقيقي اميدن اسان کي آزمايو آهي، پر اس??ن افغانستان جي استحڪام جي پنهنجي عزم تي سدائين ثابت قدم رهيا آهيون. آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهين کي اڳتي وڌ??ئڻ ۾ پاڪستان جو تعميري ڪردار اهم هو. هن چيو ته 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ جڏهن طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا ۽ صدارتي مهل تي قبضو ڪري ورتو ته پاڪستان ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو کليل رکيو جڏهن ته پاڪست??ن انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ميڊيا ادارن جي ميمبرن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته افغانستان جي تاريخ جو رخ بدلجي ويو آهي، پر اسان خطي ۾ استحڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته افغان عوام جي حوالي سان حقيقي همدردي ۽ هڪ انسان دوست موقف جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ اس??ن اولهه تي زور ڏيڻ چاهيون ٿا ته اهي پنهنجي معاشرتي نظريي موجب افغان ??عاشرو قائم ڪرڻ جي رجحان کي ختم ڪن. پاڪست??ن افغان ??عاشري جي گهڻ قوميتي ڪردار جي احترام جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي حق ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن انساني حقن جي تحفظ، خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي ۽ افغان آبادي جي انتهائي ڪمزور طبقن جي تحفظ جي حمايت ڪريون ٿا. اس??ن اهڙي افغانستان کي ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪو پاڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسرين ۽ دنيا س??ن امن ۾ هجي. عالمي برادري وانگر اسان به ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته افغانستان ??يهر دهشتگردن جي پناهگاهه نه بڻجي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته طالبان ??اران ??يندڙ اعل??ن امن قائم ڪرڻ، استحڪام وڌ??ئڻ ۽ مفاهمت جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جا عڪاس آهن. اسان سڀني کي انهن بيانن ۽ اشارن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي. عالمي امداد جي حوالي س??ن اسان کي افغانستا کي اڪيلو ڇڏڻ جي انساني همدرديج ي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي. اسان کي يقين آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪجهه افغانستان ۾ خرچ ڪيو ويو ان جو هڪ ننڍڙو حصو به ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان سان ??ه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام جو فائدو ٿيندو پر منشيات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملندي. دنيا کي ??ن اهم موڙ تي افغان عوام کي اڪيلو ڇڏڻ نه گهرجي.
دنيا کي هن نازڪ موڙ تي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهجي ٿي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج