اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخالف ڌر اڳواڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺندو، ??ڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن جنهن تي سمورين پارٽين جو اعتماد هجي، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته عمران خان جي جدوجهد شفاف نظ??م لاءِ آهي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به حڪومت کلي دل سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن ??يو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏن معاملن تي پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظ??م جو استحڪام آئين جي احترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي ??لامتي تي اتفاق راءِ سياسي نظ??م ک?? استحڪام ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر