اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسي?? پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻاهرين م??ڪ رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان م??ڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن م??جب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر ??عو??ڻ، سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وفاقي سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آ??ي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آ??ي، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين م??ڪ مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسي?? پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ايم اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن م??جب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آ??ي.
پرڏيهي پاڪستانين کي اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی