اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي سينئر وزير عليم خان جي گرفتاري سان پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي ڪلچر جو فرق واضح ٿيو آهي. مقامي هوٽل ۾ ميڊيا ليب ??ي لانچنگ تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفا??ي وزير چيو ته اڄ نيب ??ليم خان کي طلب ڪيو هو، جڏهن نيب ??ي طرفان ان کي ٻڌايو ويو ته توهان کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ته هن فوري ط??ر تي پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجي استعيفا موڪلي ڇڏي، جنهن سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلچر جي خبر پوي ٿي ته اسان جي پارٽي احتساب جي عمل کي ڪهڙي طرح حمايت ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں