اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته 1999ع ۾ جيڪڏهن ??سلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم نه ٿئي ها ته ڪشمير مسئلو حل ٿي چڪو هجي ها، ڀارتي وزيراعظم مودي جي ڪوشش آهي ته هو پاڪستان کان پنهنجي با??ادستي قائم ڪرائي ۽ پاڪستان ڪشمير تي ڳالهه نه ڪري، اهي ٻئي ڳالهيون اسان جي لاءِ ق??بل قبول نه آهن، پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان 1999ع ۾ مشڪل حالتن ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا، واجبائي پاران ائٽمي ڌماڪا پاڪستان جي لاءِ چئلينج هو، ان وقت جي ڪابينا ۾ ٽي وزير فوري ڌماڪن جا حامي هئا جڏهن ته ڪجهه وزير فوري ڌماڪا نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا هئا تنهن ??وندي به وزيراعظم نواز شريف ڌماڪن جو فيصلو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج