اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (يو اين او سي اي) والاريل ??لس??يني علائقي لاءِ 2.822 بلين آمريڪي ڊالر امداد حاصل ڪرڻ جي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. شنهوا مطابق يو اين او سي ايچ اي چيو ته اها رقم سال جي آخر تائين بيت المقدس سميت ??زه ۽ اولهندي ڪناري جي 3.1 ملين ماڻهن کي امداد فراهم ڪرڻ ل??ءِ استعمال ڪئي ويندي. آفيس چيو ته ان ردعمل لاءِ اسانکي زمين تي آپريٽنگ حالتن ۾ وڏيون تبديليون ڏسڻ جي ضرورت آهي. انساني همدردي تنظيمن کي ??زه جي پٽي ۽ اولهندي ڪناري ۾ ضرورتمند سمورن ماڻهن تائين محفوظ ۽ مستقل پهچ هجڻ گهرجي. آفيس چيو ته اسانکي ??زه ۾ زميني رستي کان وڌيڪ داخلي ۽ سپلاءِ جي رستن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان کي ??زه اندر پنهنجي چر پر، امدادي ڪارڪنن لاءِ ويزا ۽ اجازت نامي جي پڻ ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha