نيويارڪ – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قو??ن ۾ تڪرارن، جنگ، غربت، اڻبرابري، مذهبي عدم برداشت ۽ موسمياتي تبديلي جي عالمي چ??لنجن کي اجاگر ڪ??دي جنگ سبب تباهه غزه ۾ فلسطينين جي مسئلن جي خاتمي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قو??ن جي هيڊ آفيس ۾ نوروز جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد هڪ خاص تقريب کي خطاب ڪ??دي سفير منير اڪرم چيو ته نوروز رڳو جشن ??و نالو ناهي، اهو عڪاسي جو وقت آهي. هن چيو ته ان موقعي تي اچو فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ياد ڪريون جيڪي جاري الميي ۽ تڪرارن کي برداشت ڪري رهيا آهن، ڇو جو اسان سڀني لاءِ امن ۽ انصاف جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ان خاص تقريب جو اهتمام افغانستان، آذربائيجان، ڀارت، ايران، عراق، قازخستان، ڪرغزستان، پاڪستان، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان طرفان ڪيو ويو. سفير نوروز جي روح کي بيان ڪرڻ لاءِ ان موقعي تي مشهور پاڪستاني شاعر ناصر ڪاظمي جي شعرن جو حوالو ڏي??دي ان کي اميد، خوشي ۽ برڪت جو تهوار قرار ڏنو. منير اڪرم پاڪستان جي وزيراعظم جي پيغام جو حوالو ڏي??دي نوروز ملهائيندڙن کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ نوروز کي ثقافتي هم آهنگي ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جو هڪ موقعو قرار ڏنو آهي. هن نوروز ملهائيندڙ ڪميونٽيز طرفان بهتر پاڪستان جي تعمير لاءِ سهڪار تي ٿورو مڃيو. پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جي عڪاسي ڪ??دي سفير نوروز ۽ سنڌ جي وادي جي قديم تهذيب وچ ۾ تعلق جو اظهار پڻ ڪيو. سفير نوروز جي جشن ??ريعي امن، يڪجهتي ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.
عالمي نوروز ڏهاڙي تي گڏيل قومن ۾ خاص تقريب، پاڪستان جو غزه ۾ فلسطينين لاءِ انصاف جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد