واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ”ناسا“ اندروني خلا مان 3 ڪ??وڙ 10 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تان هڪ وڊيو زمين تي اُماڻڻ جو تجربو ڪيو ??هي. رپورٽ مطابق وڊيو ڪلپ ۾ ٽيبي نسل جي بليءَ کي هڪ صوفي تي ليزر لا??يٽ جو پيڇو ڪندي ڏيکاري سگهجي ٿو. رپورٽ مطباق ان هاءِ ڊيفي نيشن وڊيو کي 267 ميگابٽس في سيڪنڊ جي رفتار سان 3 ڪ??وڙ 10 لک ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري زمين تي پهچڻ ۾ 101 سيڪنڊ لڳا. اها وڊيو زمين کان 31 ملين ڪلوميٽر ڏور موجود هڪ خلائي جهاز مان جديد ترين ليزر مواصلاتي ن??ام جو استعمال ڪندي اُماڻي وئي. اها وڊيو ڊيپ اسپيس مان نشر ٿيندڙ پهرين وڊيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مريخ تي انسان کي اُماڻڻ جهڙي پيچيده مشنز لا??ِ گهربل انتهائي تيز رفتار ڪميونيڪيشن ممڪن ??هي. جڏهن اها وڊيو اُماڻي وئي ته خلائي جهاز زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ مفاصلي کان 80 ڀيرا وڌ??ڪ ڏور هو.
ناسا طرفان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تان هڪ وڊيو زمين تي اُماڻڻ جو تجربو، پهچڻ ۾ 101 سيڪنڊ لڳا
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria