اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ن??ئج??ريا گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ن??ئج??رين هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي اونينيوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وچ ۾ ملاقات دوران ٿي. ن??ئج??ريا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ن??ئج??ريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ن??ئج??ريا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ ن??ئج??ريا جي هٿياربند فوج جي نمائندن جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته جنگجو پاڙيسري ملڪ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. ه?? ٻڌايو ته پاڪستان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو زبردست تجربو آهي ۽ هن ملڪ ۾ دهشتگرد عنصرن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي اونينياچيا ايرابور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر کا ن??ئج??ريا جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.
پاڪستان ۽ نائجيريا کي گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری