اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي جي ??وٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين اٿي نه سگهندا، تحريڪ انصاف پريڊ ايوينيو ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي رٿ جي ??وٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين بيهي به نه سگهندا، انهن جي سين ۾ فل اسٽاپ اچي چڪو آهي، اهي فلاپ ٿي چڪا ??هن، هن چيو ته اها فتح قوم جي ??تح هوندي، قوم جڏهن جاڳندي آهي تڏهن فتح حاصل ٿيندي آهي، اها قوم جاڳي وئي آهي، هن چيو ته اسان مخالف ڌر سميت ڪنهن کي به برو ڀ??و نه چونداسين، هنن چيو ته جيڪي اسان جي ??اءِ ڪيو اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، انهن جي ??اءِ بهترين لفظ ۽ بهترين زبان استعمال ڪري سگ??ون ٿا. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ ٽريپ جي اندر اچي وئي آهي،اسان هڪ جلسو رکيو هو، هنن به هڪ جلسو رکي ڇڏيو آهي، مخالف ڌر اچي جلسا ڪري، ڪو به غير قانوني ڪم کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو.مخالف ڌر کي جلسو ڪرڻ گهرجي ??وم جي سام??ون واضح ٿي ويندو ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، حڪومت جو پريڊ ايوينيو ۾ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن جو وڏو تعداد شرڪت ڪندو.
مخالف ڌر سان بي اعتمادي جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين اٿي نه سگهندا: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر