اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ?? پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان تقريبن لاءِ تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقيربن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز، اط??اعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون ملهائڻ جو مق??د متحد پاڪستاني قوم جو پنهنجي آزادي تي فخر جو اظهار هوندو. تقريبن ۾ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين کي ??جاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن سال يوم آزادي تي دنيا ڏسندي ته پاڪستاني قوم متحد ۽ مضبوط قوم آهي،
رنگارنگ ثقافت، قدرتي وسيلن ۽ هم آهنگي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، هن هدايت ڪئي ته تقريبن جي حوالي سان تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکي ??وڙيو وڃي. هن چيو ته ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ?? پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجن گهرجي، خاص مددگار شهزاد نواز وزيراعظم کي ??قريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.