اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جاري ڪندو. پاليسي جو مرڪزي فريم ورڪ شهرين کي بينادي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشي سيڪيورٽي آهي ته جيئن پاڪستان کي اقتصادي طور تي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ڪلاسيفائيڊ قومي سلامتي پاليسي جي پبلڪ ويزن جاري ڪندو جيڪو پاڪست??ن جيڪا قومي سلامتي پاليسي جي پهرين دستاويز آهي. قومي پاليسي سلامتي جاگرافيائي حڪمت عملي تي ڌيان ڏيندي جيو اڪنامڪ ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته گڏيل احترام ۽ هڪجهڙي خودمختياري جي بيناد تي پاڪست??ن جي پر??يه?? پاليسي ۽ فوجي صلاحيت جو اولين مقصد خطي ۽ ان ??ان ٻاهر امن ۽ استحڪام آهي، پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيتريون ئي مشاورتون ڪيون ويون ۽ قومي سلامتي جي ماهرن سميت 600 ??ان وڌيڪ ماڻهن کي راءِ حاصل ڪئي وئي. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اس??ن جي قومي سلامتي جي سوچ اقتصادي وسيلن جي فروغ جي ذريعن جي نشاندهي ڪري ٿي ته جئين پاڪست??ن جي روايتي ۽ غير روايتي سلامتي کي بيڪ وقت مضبوط بڻائي سگهجي، قومي سلامتي پاليسي جي اهم مقصدن ۾ قومي هم آهنگي معاشي مستقبل جو تحفظ، دفاع ۽ علائقائي سالميت، داخلي سلامتي، بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ پر??يه?? پاليسي ۽ انساني سلامتي شامل آهن. ان پاليسي جو مقصد پاڪست??ن جي ترقي يافته ۽ گهٽ ترقي ياف??ه علائقن جي وچ ۾ اقتصادي، ٻاهرين عدم توازن، سماجي ۽ اقتصادي اڻ برابري ۽ جاگرافيائي فرق جهڙن ٽي سنگين چئلينجز کي خ??م ڪرڻ آهي، دستاويز ۾ زور ڏنو ويو آهي ته پاڪست??ن جي دفاع ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۽ ??ن جو استعمال ۽ انفارميشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جي ذريعي هائبرڊ وار افيئر جو مقابلو ڪيو ويندو. داخلي سلامتي جي حوالي سان پاليسي ۾ رياست جي رٽ کي يقيني بڻائڻ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد روين ۽ قومي بنيادن تي فرق کانسواءِ خلاف عدم برداشت ۽ منظم ڏوهن جي لعنت جي خاتمي تي زور ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي پاليسي عالمي سطح تي پاڪست??ن جي مفاد ۽ موقف جو دفاع ڪندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ملڪي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي جي پاليسي جي دستاويزن ۾ نوجوانن تي مرڪوز پاليسين تي عمل پيرا ٿيڻ، غذائي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ، بنيادي صحت جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم عمران خان جمعي تي قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جاري ڪندو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن