اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع ۽ قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. وزي??اع??م عمران خان موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، وزي??اع??م عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنجي ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. وزي??اع??م چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽري جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن کي ساراهي رهي آهي. وزي??اع??م موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ گهربل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺاهيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽي??نالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزي??اع??م ”قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي، هن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، وزي??اع??م مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي خاتمي جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ڪئي، هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان شعبي پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. وزي??اع??م جي موسمياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، موسمياتي تبديلي جي پاليسي، قومي وائلڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، محمد حماد اظهر، چوڌري مونس الاهي، قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزي??اع??م جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو وڏ?? وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو وڏ?? وزير خالد خورشيد، پنجاب جو وڏ?? وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو وڏ?? وزير محمود خان، آزاد ڪشمير ج?? وزي??اع??م سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وار?? وزير اسماعيل راهو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس