اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ڪيل تيارين بابت جائزه ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، چيف ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته عالمي ايڪسپو ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت سان جتي عالمي برادري کي پاڪستان جي مختلف رخن کان روشناس ڪرايو ويندو اتي واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپو پهرين آڪٽوبر 2021ع کان شروع ٿيندو جيڪو 6 مهينا مسلسل جاري رهندو. ا??لا?? ۾ وزيراعظم کي پاڪستان پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي موقعن کي اجا??ر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي مت??رڪ شموليت سان ايڪسپو دوران اهم صوبائي منصوبن کي اجا??ر ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي ايڪسپو جي حوالي سان تيارين کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ تيارين بابت جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر