ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مس??ما?? امت جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت ج??يد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏنو آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مواصلاتي بندشن جو ??ڪر ڪندي چيو آهي ته مس??ما??ن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو ??رجو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان اسٽاف ڪاليج جو ??ن وقت جي صدر محمد ايوب خان افتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي به زور ڏنو. ملڪ جي مضبوط دفاعي ??ظا?? کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آ??ي. هن دفاعي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ ج??يد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪيو آهي جنهن سان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن