اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اهي پنهنجي شڪست کي ڌانڌلي جو نالو ڏيندا، اهي اقتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، انهن جي سو?? ج??هوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي مسلم ليگ (ن) چونڊيل حڪومت جي خاتمي لاءِ غيرآئيني ط??يقو اختيار ڪري رهي آهي، ڪ??رو??ا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري ط??ف گامزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻندڙ زبا?? ج?? استعمال مسلم ليگ (ن) جو شيوو آهي، اهي ماڻهو اقتدار کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيال?? ج?? اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر