ماسڪو-29 نومبر(اي پي پي) روس جي سائنسدانن 2027ع تائين روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن جي رفتار موجوده تيز رفتار ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ ھڪ سو کان ھـڪ ھزار سيڪڙو وڌيڪ ھوندي. پرڏيھي رپورٽ مطابق روس نيشنل سينٽر فار فزڪس اينڊ ميٿاميٽڪس (اين سي پي ايم) جي سائنسدان اليگزينڊر سرگئيف چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان ڏهون تي وڌيڪ طاقت واري 19 في سيڪنڊ کان وڌيڪ پرا??يس??گ جي رفتار سان آپريشن جي طاقت سان گڏ ھڪ ورڪنگ پروٽو ٽائپ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو آھي جيڪو عالمي سطح تي موجوده ڪمپيوٽرن جي رفتار کان نمايا طور تي وڌيڪ آھي. اھو ھڪ طاقتور ھائبرڊ اليڪٽرانڪ فوٽو ونگ ڪمپيوٽر سسٽم جو ورڪنگ پروٽو ٽائپ ھوندو جيڪو ڊيٽا کي روشني جي رفتار سان پراسيس ڪندو. اليگزينڊر سرگئيف چيو ته مشھور عالمي ڪمپنين جي تيار ڪيل پنھنجي يونيورسل پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسرز ۽ گرافڪس پرا??يس??گ يونٽس وارن ج??يد ڪمپيوٽرن بدران ان جو خصوصي ڪمپيوٽنگ سسٽم ڪيترن ئي ڪمن کي حل ڪرڻ ۾ نمايا طور تيز رفتاري جو مظاھرو ڪري سگھي ٿو جيڪو 100 کان 1000 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو ۽ اھو گھٽ بجلي جي استعمال سان گڏ?? گڏ پنھنجي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪندو. سال 2030ع تائين امڪاني طور پرا??يس??گ انتھائي سطح تائين پھچي سگھي ٿي. رپورٽ مطابق ان ڪمپيوٽر جي تياري جي منصوبي تي ڪم ڪندڙن ۾ روس جو وفاقي نيوڪليئر سينٽر، روس جي ريسرچ انسٽي ٽيوٽ آف ايڪسپيريمينٽل فزڪس ۽ اسماراسٽيٽ يونيورسٽي جا ماھر شامل آھن.
روس جي سائنسدانن پاران ٻن سالن اندر روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز