رياض- 13 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي آثار قديمه ا??ارٽي جو چوڻ آهي ته مملڪت جي ڏکڻ پا??ي ريجن عسيري جي جرش ڪمشنر ي ۾ وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آثار قديمه دريافت ٿيا آهن .سعودي پريس ايجنسي موجب دريافت ٿيندڙ آثار رهائشي ڪمپانڊز جي شڪل ۾ آهن گهرن جون ڀتون پٿرن ۽ گارن سان ٺاهيو ويون هيون . اهي آثار گذريل مهم دوران سائٽ جي اتر پاسي دريافت ٿيندڙ آثار جو تسلسل آهي. سا??ٽ تي ڪم ڪندڙ ٽيم جو چوڻ آهي ته دريافت ٿيندڙ آثار ۾ ان دور جو آبپاشي نظام به آهي جنهن مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته ا?? زماني ۾ پاڻي کي رهائشي علائقي تائين پهچايو ويندو هيو . دريافت ٿيندڙ آثارن ۾ ش??ري آبادي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ کو??ه به ٺاهيو ويو هيو مهم ۾ گرينائيٽ پٿر به دريافت ٿيو آهي . جنهن تي اسلامي نقش نگاري ٿيل هئي سا??ٽ تي وڏي انگ ۾ روز مره جي استعمال جي قديم شين ۾ مٽي جا ٿانو ۽ صراحيون به دريافت ٿيون آهن.
سعودي عرب ۾ قديم شهر جا آثار دريافت
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria