اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي ا??ميت رکندڙ آهي، افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بنائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن افعانستان بابت خصوصي نمائندي ا??مبيسڊر محمد صادق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايڊيشنل ??يڪريٽري ا??عانستان عامر آفتاب قريشي ۽ ڊي جي ا??غانستان آصف ميمڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. افغانستان بابت خصوصي نمائندي ا??مبيسڊر محمد صادق افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. حنا رباني کر ان موقعي تي چيو ته افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي ا??ميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مملڪتي وزير حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا