اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي ??سي??بل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان سندس عهدي جو حلف ورتو، حلف برداري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف برداري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي ??سي??بلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ قومي ??سي??بل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز اشرف حضرت داتا گنج بخش رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي ??سي??بلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي ??سي??بلي سيڪريٽري موجب لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پاران سندس واله??ڻو استقبال ڪيو ويو
راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ميان محمد حمزه شهباز شريف کان پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف ورتو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو