اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملائيشيا ۽ ان??ونيشيا جي پنهنجي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گفتگو دوران ٻطرفي لاڳ??پن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملائيشين هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هم آهنگي، ٻطرفي لاڳ??پن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ملائيشين هم منصب ک?? اسلام آباد ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جمهوريه ان??ونيشيا جي پرڏيهي وزير ريٽنو مرسودي سان ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي وسيع موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل قومن، آسيان، او آءِ سي ۽ ??ين گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي، گڏيل مفادن جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان??ونيشيا جي پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي ان??ونيشيا جي دوري جي دعوت ڏني، دعوت قبول ڪندي پرڏيهي وزير گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ان??ونيشيا جو دورو ڪرڻ جي حامي ڀري.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پاران ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل