اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامي معاشرو ۽ احترام ق??نون“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمع?? جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم عثمان خطبي ۾ اسلامي معاشري ۾ احترام ق??نون ۽ عهد جي پاسدار?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلامي ??عليمات ۾ انفرادي سان گڏوگڏ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي ۾ به عهد کي پورو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ڪامياب مومنن جي صفات مان هڪ امانتن ۽ عهد جي پاسداري بيان ڪئي آهي، هن حضور ﷺ جي حيات طبيه جي روشني ۾ عهد جي پاسداري جا مثال بيان ڪندي صلحه حديبيه جو خصوصي حوالو ڏنو جنهن ۾ مسلمانن جي گڏيل معاملن سان گڏوگڏ ٻين قومن سان ڪيل واعدن کي نڀائڻ جو درس موجود آهي، هن چيو ته هڪ فرد جي لاءِ لازم آهي ته هو جنهن ملڪ جو رهواسي آهي ان جي قانون جي پيروي ڪري، اها عهد جي پاسدار?? جي هڪ صورت آهي. هن چيو ته قانون جي خلاف وريزي اصل ۾ اسلامي ??عليمات جي رو گرداني ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته جائزه امور ۾ اسلامي ??ياست جي قانون جي پاسداري ضروري آهي، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علو?? جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو باقاعدگي اهتمام ڪيو پيو وڃي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے