سيالڪوٽ – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان مان پهريون ڀيرو مسلمان امت کي عمران خان جي صورت ۾ ليڊرشپ م??ي آهي، پوري مسلمان امت اڄ ان طرف ڏسي رهي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته فلسطين جي مسئل?? جي حل تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين، آزادي مارچ وارن کي وزيراعظم جا هٿ چمڻ گهرجن، 2023ع تائين کربين رپين جا قرض ايس ايم ايز ذريعي مستحق ماڻهن ??ي ڏنا ويندا، ماض?? جي حڪمرانن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، ملڪ جي 52 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي ۽ معاشي ترق?? جي لاءِ انهن ??ي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر قائداعظم جو اهو سپاهي آه?? جيڪو قائد جي خوابن جي تعبير لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان لکي ڊالر پگهار ??ڏي پنهنجي ڌرت?? جي خدمت ڪرڻ پاڪستان آيو آهي.
پهريون ڀيرو مسلمان امت کي عمران خان جي صورت ۾ قيادت ملي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن