اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر جي صدارت ?? ايندڙ عام چونڊن 2018ع جي حوالي سان اطلاعات جي فراهمي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري يوسف نعيم کوکر، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا، اليڪشن ڪميشن جي نمائندن ۽ وفاقي حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن جي اطلاعات وارن سيڪريٽرين، گهرو سيڪريٽرين ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته بل??چس??ان جي چيف سيڪريٽري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔