انقره- 31 جولاءِ (اي ??ي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته غزه هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي قت?? گاهه بڻجي چڪو آهي. ٽي آر ٽي مطابق هن چيو ته اولهه وارن اڳواڻن ۽ تنظيمن جو فرض آهي ته عالمي سلامتي کي يقيني بنائين، لڳ ڀڳ 300 ڏي??هن کان ان ظلم ۽ بربريت کي صرف پري کان ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته اسرائيل ظلم ۽ جارحيت ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اسرائيل جون جارحاڻيون پاليسيون سڄي خطي کي شديد خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ هو بنا ڪ??هن رڪاوٽ جي غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي اڳواڻن کان اسرائيل جي جاري بربريت کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان کان اڳ گهڻي دير ٿي وڃي، اسان ک?? هاڻي فوري قدمن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل