واشنگٽن _ 12 جولاءِ (اي پي پي ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آه?? ته غزه ۾ جنگ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ جنگ بعد اسرائيل کي ان علائقي تي قبضو نه ڪرڻ گهرجي. هڪ خابرُو اداري مُ??جب هن گذريل ڏينهن نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ بندي جي فريم ورڪ تي ڌرين اتفاق ڪيو هو پر معاهدو طئي ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه رڪاوٽون موجود آهن. آمريڪي صدر چيو ته ان فريم ورڪ تي هاڻي ٻئي ڌريون م??فق آهن ان لاءِ مون پنهنجي ٽيم کي وچ اوڀر موڪليو آه?? ته جيئن ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي. بائيڊن چيو ته اهي مشڪل مسئلا آهن اڃان م??اهدي تائين پهچڻ ۾ ڪجهه مشڪ??ات??ن موجود آهن. اسان اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون ۽ مان اهو معاهدو طئي ڪرڻ ۽ ان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??ان جنهن کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اسرائيل کي غزه تي قبضو نه ڪرڻ گهرجي. هن اعتراف ڪيو ته اسرائيل طرفان ڪجهه وقت سهڪار گهٽ رهيو.
غزه جنگ کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، اسرائيل علائقي تي قبضو نه ڪري :آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado