واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) آمريڪي عملدارن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته يوڪرين آمريڪا طرفان ڳجهي طور تي فراهم ڪيل ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو روس خلاف استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب اهي هٿيار 300 ملين ڊالرن جي ان امدادي پيڪيج جو حصو هئا جنهن جي مارچ ۾ آمريڪي ??در جوب??ئي??ن منظور ڏي هئي ۽ هو هن مهيني يوڪرين پهتا هئا. ڪريميا ۾ روسي هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ کيس پهرين ئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ا??تعمال ڪيو ويو آهي. آمريڪا پهرين يوڪرين کي آرمي ٽيڪينيڪل ميزائل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) وچولي فاصلي جي ورجن سان فراهم ڪيو هو تنهن هوندي به آمريڪي ??در جوب??ئي??ن فيبروري ۾ ڳجهي طور تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل نظام کي يوڪرين کي فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هي نظام 300 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته آئون ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهان ٿو ته ??در جوب??ئي??ن جي سڌي ريت هدايتن تي يوڪرين کي ڊگهي فاصلي تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ اي ٽي اي سي ايم ايس سسسٽم فراهم ڪيو. رپورٽ ۾ هڪ آمريڪي اهلڪار موجب ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن جو ا??تعمال گذريل هفتي پهريون ڀيرو ڪريميا ۾ هڪ روسي هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. ان کانسواءِ سامونڊي شهر برڊيانسڪ ۾ روسي فوجين تي حملن ۾ به نون ميزائلن جو ا??تعمال ڪيو ويو.
يوڪرين روس خلاف ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آمريڪي ساخت جي بيليسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪري ڇڏيو آهي: آمريڪي عملدارن جي تصديق
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات