واشنگٽن- 16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسان لڳاتار اه?? چوندا پيا اچون ته پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي حوا??ي سان الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزاني جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ بائيڊن انتظاميه جي مداخلت تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا پاڪستان سان پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، نيڊ پرائس عمران خان جي آمريڪا تي الزامن تان يوٽرين جي حوا??ي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اه?? ان بليم گيم جي حوا??ي سان تبصرو نه ڪندو، هن چيو ته جڏهن اه?? الزام سامهون آيا ته اسان تڏهن کان لڳاتار چوندا پيا اچون ته ان ۾ ڪا به سچائي نه آهي، هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ سهڪار جو قدر ڪريون ٿا. اسان سدائين پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ جمهوري ملڪ طور ڏسڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو اسان جي مفادن لاءِ گهڻو آهي ۽ ان موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته الزامن جي اها راند ختم ٿئ?? يا نه ٿئي اسان ٻطرفن لاڳاپن ۾ پروپيگنڊا يا غلط معلومات کي رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏينداسين ۽ پاڪستان سان لاڳاپا اسان جي لاءِ قابل قدر آهن. پاڪستان ۾ جيستائين سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن جو تعلق آهي اسان جي ڪنهن هڪ سياسي پارٽ?? يا اڳواڻ طرفان ڪنهن ٻي سياسي پارٽ?? يا اڳواڻ جي حمايت جي حوا??ي سان ڪو موقف ناهي، اسان سڄي دنيا ۾ جمهوري، آئيني ۽ قانوني اصولن تي عملدرآمد جي حمايت ڪريون ٿا. آمريڪي ترجمان چيو ته اسان جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي سهڪار موجود آهي جيڪو ٻنهي لاءِ گهڻو اه?? آهي ڇا??اڻ ته پاڪستان کي درپيش خطرا آمريڪا لاءِ خطرو ب??جي سگهن ٿا، اسان ان ڪم جو قدر ڪريون ٿا جيڪو اسان گڏجي ڪندا آهيون ۽ ان معاملي تي ان کان وڌيڪ ڳالهه نٿو ڪري سگهان.
پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پروپيگنڊا کي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج