اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ??ه عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، غريب عوام کي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وجهڻ جي بدران باقيدارن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن تي جائزه ??جل??س کي خطاب ڪندي عدالتن ۾ التوا هيٺ اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئ??. ه?? چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم اپيليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سُٺي پگهار، مراعتن ۽ پيشيواراڻي ٽيلينٽ جي بنياد تي م??رر ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. ه?? حڪم ڏنو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلينٽ کي م??رر ڪري اوڳاڙين جا ڪيس فوري حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ايف بي آر اوڳاڙين تي ڪم تيزي سان جاري آهي. تازو ئي مون ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ نظام جاري ڪيو، جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي لاءِ ??هر??ل وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پئسي جو تحفظ ڪنداسين، ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين، نه وري غريب عوام تي ٽيڪس جو بار وجهنداسين. ??جل??س ۾ وزيراعظم کي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي سڌارن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سڌارن کي م??رر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??جل??س ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايف بي آر کي عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث