اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ بيلاروس جو پرڏيهي وزير، توانائي وارو وزير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن و??ير سميت چيئرمين ملٽري انڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ بيلاورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون به شامل آهن. گهرو و??ير بيلاروس جي پرڏيهي و??ير ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري و??ير سان ملاقات ڪئي. گهرو و??ير چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو و??ير چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان بيلاروس سان لاڳ??پن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بيلاروس سان لاڳ??پن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن