اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان مان آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، فائيو جي سروس جي ڪري ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن وي آن گروپ جي 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گروپ جي چيئرمين آئوگي ڪي فيبيلا جي قيادت ۾ ساڻس ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ڏورانهين علائقن ۾ به تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيز ترين ۽ قابل اعتماد انٽرنيٽ سروس جي لاءِ فائيو جي انٽرنيٽ جون سروسز متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. فائيو جي سروس جي ڪري ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشت جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته وي آن جو ذيلي ادارو جيز گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ فنانس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مصنوعي ذهانت جي فروغ جي حوالي سان وي آن گروپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اهم ملڪ بڻجي چڪو آهي. ??لا??ات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خ??اج??، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان مان آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک