اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آهي، وفاق سمورن صوبن کي هر ممڪن سپورٽ ۽ سهولت فراهم ڪندو، اي پي ايس واقعي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پ??ان تيار ڪيو ويو جنهن تحت دهشتگردي جو خاتمو ٿي?? پوءِ هڪ حڪومت اهڙي آئي جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو، طالبان کي واپس آڻي رهايو، اڄ ان جو ڪيِتو اسان ڀوڳي رهيا آهيون، دهشتگرد ڪڏهن خيبرپختونخواهه ۽ ڪڏهن بلوچستان ۾ حملا ڪن ٿا، دڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، بيگناهه مزدورن کي شهيد ڪيو ويو، ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جي لاءِ پوليس جي تربيت ڪئي وئي ۽ انهن کي گهربل شيون فراهم ڪيون ويون، با??ي چيئرمين پ?? ٽي آءِ چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي روايت وڌي، اسان ڪڏهن به سياسي مخالفت کي سياسي دشمني ۾ نه بدلايو، جڏهن با??ي پي ٽي آءِ اسٽيج تان ڪِريو ته نواز شريف پنهنجي چونڊ مهم ملتوي ڪئي ۽ سندس تيمارداري جي لاءِ ويو، با??ي پي ٽي آءِ نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا اڄ ان جي فصل ڪاٽي رهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته صوبن ۾ امن امان جا معاملا 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتن کي منتقل ٿي چڪا آهن، وفاقي حڪومت دهشتگردي ۽ نيشنل ايڪشن پ??ان تي عملدرآمد جي حوالي سان صوبائي حڪومتن کي هڪ فورم تي گڏ ڪيو. هن چيو ته سرحدن تي اسمگلنگ، دهشتگردي، وڏن گروهن جهڙن معاملن جي حل جي لاءِ نيشنل ايڪشن پ??ان جوڙيو ويو. هن چيو ته اي پي ايس کانپوءِ نيشنل ايڪشن پ??ان جو بنياد رکيو ويو، اي پي ايس حملي ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، اي پي ايس جي معاملي تي پوري قوم هڪ پيج تي گڏ هئي، وفاق ان وقت چيو ته وفاق وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪندو. وفاقي و??ير چيو ته 18هين ترميم جي با??جود امن امان جي ڳنڀير مسئلن تي قومي پاليسي ٺاهڻ ۾ گڏجي ويهي ڳالهه ڪئي وئي، نيشنل ايڪشن پ??ان جي ميٽنگز ۾ وزيراعظم پاڻ ڪيترائي ڀيرا ڪراچي ويو، ڪراچي جون روشنيون بحال ٿي??ن، امان بحال ٿي??. هن چيو ته 2013ع ۾ هر ٻئي ڏينهن دهشتگردن جا حملا ٿي??دا هئا، آءِ اي ڊيز جي ذريعي حملا ڪيا ويندا هئا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پ??ان ۾ عالمن ۽ ميڊيا کي گڏ ڪيو ويو، نفرت انگيز تقريرن تي پابندي هنئي وئي، اتحاد بين المسلمين ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سمورين ڌرين جي تعاون سان نيشنل ايڪشن پ??ان تي ڪاميابي سان عملدرآمد ٿي?? ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويو. هن چيو ته ان کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت آئي جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو ۽ دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو. ان جي ان قدم جي ڪري اڄ اسان لاش کڻي رهيا آهيون، روزانو اسان جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن. اهو بگاڙ ڪنهن ۽ ڪڏهن پ??دا ڪيو؟ ان وقت جي وزيراعظم دهشتگردن کي واپس آڻي رهائڻ وقت اهو نه ڏٺو ته نيشنل ايڪشن پ??ان موجود آهي، ان نيشنل ايڪشن پ??ان تحت وفاق ۽ صوبن گڏجي قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي.اڄ اهي دهشتگرد بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حملا ڪن ٿا. هن چيو ته علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪن مان 16 ڪلاڪ سياسي سرگرمين تي لڳائي ٿو پر امن امان جي حوالي سان سندس ڪو ڌيان نه آهي. ڪنهن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان تي ڌيان نه ڏنو ته اتي سيف سٽي منصوبو لڳي سگهي. هن چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيف سٽي جو ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، لاهور ۾ اسان جو سينيئر آفيسر ڪيپٽن مبين شهيد ٿي??، هن گهڻي سدروس ڪوئيٽا ۾ ڪئي هئي، سيف سٽي ڪئميرائن جي ڪري اسان ڏوهاري ٽريڪ ڪيا، انهن افغان شهرين تائين پ??تاسين جن کيس شهيد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي هئي ۽ انهن کي سزا ڏياري، قصور ۾ زينب قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهاري کي ڦاهي ٿي. هن چيو ته دڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، دڪي واقع ۾ شهيد ٿي??دڙ بيگناهه مزدور هئا، سرفراز بگٽي قابل وڏو و??ير آهي، مٿس مڪمل اعتماد آهي، س??ڪي??رٽي ايجنسين سان گڏجي هو دهشتگردي جهڙن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به امن قائم ڪيو آهي، هاڻي به ڪنداسين. وفاقي و??ير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو ڪريڊٽ صدر آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، اهو سندس ويزن هو، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا، امن امان ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ صوبن کي فنڊز ملن ٿا. هن چيو ته 2018ع کان 2022ع تائين نيشنل ايڪشن پ??ان تي ڪو اجلاس نه ٿي??، دهشتگردي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ان دور جي حڪومت جي ترجيحن ۾ نه هو. سياسي مخالفت جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي سيکاريو ويو هو ته سياسي مخالف سياسي دشمن ناهي هوندو، اسان کي سيکاريو ويو هو ته جڏهن مخالف ڪِرين تان ڪريو ته سندس اسپتال وڃي تيمارداري ڪئي وڃي ٿي، نواز شريف 2013ع ۾ با??ي چيئرمين پ?? ٽي آءِ جي ڪِرين تان ڪري زخمي ٿيڻ تي پاڻ اسپتال وڃي تيمارداري ڪئي، 2013ع جي اليڪشن کانپوءِ پاڻ هلي بني گالا ويو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اها وقت جي ڌارا آهي، ڪالهه توهان هتي ويٺا هئا اڄ اسان ويٺا آهيون، سڀاڻي ڪو ٻيو ويٺو هوندو، با??ي چيئرمين پ?? ٽي آءِ اسان جي سياسي روايتن کي زهريلو ڪيو. سندس دور ۾ فريال ٽالپر کي چنڊ رات تي اسپتال کان جيل موڪليوويو، مريم نواز کي ڪوڙن ڪيسن ۾ والد جي سامهون گرفتار ڪيو ويو، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ جي روايت با??ي چيئرمين پ?? ٽي آءِ وڌي. هن چيو ته نواز شريف جي والده لاڏاڻو ڪري وئي هئي ۽ جج کي آرڊر هو ته جرح مڪمل ڪرڻي آهي. جهانگير ترين ۽ عليم خان جي خاندانن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، شهباز شريف جي ڌيئرن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويو. هن چيو ته با??ي چيئرمين سياست کي آلوده ڪيو ۽ نفرت ڦهلائي، هن نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا اڄ ان جي فصل ڪاٽي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي پر وفاق ڀرپور تعاون جي لاءِ تيار آهي، ڪچي جو مسئلو رڳو سنڌ جو مسئلو نه آهي، اهو پنجاب ۾ به آهي، ڪچي جي آپريشن ۾ پوليس کي موڪليو ويو، پوليس کي بوٽس فراهم ڪيون ويون، درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آهي. نيشنل ايڪشن پ??ان جي ميٽنگز ۾ چار ئي صوبائي وڏا و??ير شرڪت ڪن ٿا، وفاق جو امن امان تي ڀرپور ڌيان آهي، صوبائي حڪومتن کي نه رڳو سپورٽ پر هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين.
امن امان جي حوالي سان چئني صوبائي حڪومتن سان اسان جو رابطو آهي، وفاق سمورن صوبن کي هر ممڪن سپورٽ ۽ سهولت فراهم ڪندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر