اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي س??ڪا?? تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ??ائ??نسل جو 23 هون اجلاس اڱارو 15 آڪٽوبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ واپار ۽ معيشت تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتي رابطن ۽ س??ڪا?? وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اڳ ۾ ئي گادي واري هنڌ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي روشنين، گلن جي سجاوٽ ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن سان شهر جي رونق ٻيڻي ٿي وئي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چونڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي روشنين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ??ائ??نسل جو وزيراعظم لي ڪيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ گادي واري هنڌ پهچي چڪو آهي، جتي هو پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت س??ن ملاقاتون ڪندو. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ٻين اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صد??رت وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ائ??نسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت س??ن ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم اسٽيٽ ??ائ??نسل چي چيانگ، بيلا روس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو، قازقستان جو وزيراعظم اولڙاس بيڪ تينوف، روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ وزير اعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي وزيرن واري ڪابينه جو چيئرمين ڙاپاروف اڪيل بيگڪ، ايران جو اول نائب صد?? محمد رضا عارف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا مبصر طور سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم ڪري رهيو آهي، ترڪمانستان جي نمائندگي خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ وزيرن واري ڪابينه جو نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين مهمانن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل جانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزائيف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ??ائ??نسل جو چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ??ائ??نسل آف ايس سي او انٽر بيئنڪ يونين جو چيئرمين مارات ييلي بائيف شامل آهن. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه ??ائ??نسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري س??ڪا?? تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل س??ڪا?? کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23هون اجلاس 15 آڪٽوبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں