اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 14 کان 17 آڪٽوبر تا??ين پاڪستان ??و دورو ڪندو. ان موقعي تي سي پيڪ تحت سهڪار ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن تي جامع ڳالهين ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس چيني هم منصب لي ڪيانگ پنهنجي پنهجي ملڪن جي وفد جي اڳواڻي ڪندا. پرڏيهي وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ??ي دعوت تي چين جو وزيراعظم 14 کان 17 آڪٽوبر تا??ين پاڪستان ??و دورو ڪندو. چيني وزيراعظم سان پرڏيهي معاملن جو وزير، واپار جو وزير، نيشنل ڊويلپمنٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ۽ چائنا انٽرنيشنل ڊويلپمنٽ ڪو آپريشن ايجنسي جا عهديدار ۽ اعليٰ عملدار پڻ گڏ هوندا. چيني وزيرا عظم، صدر مملڪت آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. هو پارليماني اڳواڻن ۽ پاڪستان ??ي عسڪري قيادت سان پڻ ملاقاتون ڪندو. چيني وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪونسل آف دي هيڊ آف گورنمنٽ (سي ايڇ جي) جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب چين جي وزيرا عظم جو پاڪستان ??و هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ??هم شعبن ۾ شراڪتداري جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو. ان ??وري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن وارن معاملن تي سهڪار جا موقعا ملندا، جڏهن ته دوري سان ??ي پيڪ جي ترقي ۽ ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي باقاعده خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فر??هم ٿيندو.
چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو: پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن