اسلام آباد – 29 – آگسٽ (??ي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اه?? حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اه??يت رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اه?? حملو عالمي قانون جي ??ڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اه?? حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو والاريل علائقن ۾ شهرين کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.
پاڪستان پاران غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa