اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت، پي??اوار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زرعي سائنسدانن ۽ پاليسي سازن تي زور ڀريو آهي ته هو ملڪ ۾ غذائي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي زرعي ??عب?? جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. سيڊ پوٽو ڪامپليڪس ۽ پٽاٽي جي ٻج جي پي??اوار ۽ سپلائي چين تي عالمي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان زرعي معيشت جي باوجود غذائي شيون ٻاهران گهرائي رهيو آهي. ان تقريب جو اهتمام پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) ڪورين پروگرام آن انٽرنيشنل ايگريڪلچر (ڪوپيا) جي تعاون سان ڪيو هو. ان جو مقصد مقامي فصل?? جي پي??اوار کي وڌائڻ ۽ امپورٽ جوڳو اضافو پي??ا ڪرڻ لاءِ وائرس کان پاڪ پٽاٽي جو ٻج پي??ا ڪرڻ آهي. تقريب ۾ جمهوريه ڪوريا جي سفير، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ڪوپيا جي سينئر عملدارن کانسواءِ قومي ۽ عالمي تنظيم?? جي نمائندن، ترقياتي شراڪتدارن، زرعي سائنسدانن، ماهرن، نجي ??عب?? جي تنظيمن، ا??ن جي اوز ۽ ترقي پسند آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين زرعي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ ۽ آبادگارن تائين ا?? جي موثر پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورن وڏن ۽ ننڍن فصل?? جي في ايڪڙ پي??اوار وڌائڻ لاءِ اهم آهي. هن چيو ته پٽاٽو ملڪ ۾ هڪ اهم ڪيش ڪراپ ۽ ٽيون نمبر سڀ کان وڏو خوراڪ وارو فصل آهي، جيڪو مختلف موسمن ۽ خطن ۾ 837669 ايڪڙ تي پوکيو ويندو آهي. ??ن وضاحت ڪئي ته ايرو پونڪ گرين هائوس جي قيام سان پٽاٽي جي ٻج جي معيار ۾ اضافو ٿيندو. جديد تحقيق ۾ مدد ملندي ۽ مقامي آبادگارن کي معياري ٻج جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان روزگار جا موقعا پي??ا ٿيندا ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو. راڻا تنوير حسين اهو به ٻڌايو ته پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پي??اوار سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ مقامي آبادگارن کي سستي اگهه تي ٻڄ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت زرعي ??عب?? جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ۽ ا?? جي ترقي ۾ مدد لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن روشني وڌي ته ٻيا ملڪ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبن تي تعاون ڪري رهيا آهن، جنهن سان مقامي زرعي پي??اوار ۽ ??عب?? جي ترقي کي سگهه ملندي. وزير اهو نوٽ ڪندي نتيجو ڪڍيو ته ڪوپيا جي امداد پاڪستان کي غذائي تحفظ ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار زرعي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.
زرعي سائنسدان ۽ پاليسي ساز ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ زرعي شعبي جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا