اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهبا?? شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهبا?? شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي. وز??را??ظم قزاخستان جي صدر قاسم زومارت ت??ڪا??ف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي لاءِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر ت??ڪا??ف سان ملاقات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم علائقائي رابطن ۽ علائقائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وز??را??ظم محمد شهبا?? شريف کي قزاخستان جي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وز??را??ظم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات