اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو وٺندي طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي، خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف وار?? وفاقي وزير، وزيراعظم صحت بابت ڪوآرڊينيٽر، صحت واري سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ چيئرمين هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، ناليواري سرڪاري ۽ نجي طبي ادارن جي سربراهن ۽ ناليوارن ماهرن شرڪت ڪئي. طبي تعليم بابت ڪميٽي وزيراعظم 20 ميئ 2024ع تي جوڙي هئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ان جي ڪنوينر طور چونڊيو. ميمبرن ۾ طبي برادري، تعليم جي شعبي ۽ سرڪاري عملدارن جون اهم ڌريون شامل آهن. ڪميٽي جو مقصد سڄي ملڪ ۾ طبي تعليم ۾ سڌارا آڻڻ آهي، اهو قدم ايندڙ نسلن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي معيار کي بهت?? بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ صحت جي سارسنڀال ڪندڙ پيشيوار ماڻهن جي طبي تربيت جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ملڪ ۾ طبي تعليم جي خال کي ختم ??رڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اهم ذميواري تي زور ڏنو. هن طبي شاگردن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي شعبي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ??رڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم سمورن صوبن ۾ طبي تعليم جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ طبي تعليم جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي بهت?? بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي اعليٰ معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طبي ادارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن مڪينزم قائم ??رڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ ڪميٽي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو ورتو جڏهن ته طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪميٽي خصوصي طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل جي شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو. ڪميٽي طبي شاگردن کي انهن جي تعليمي ۽ پيشيواراڻي ڪوششن ۾ مدد ۽ بااختيا?? بڻائڻ جي حڪمت عملين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پڻ پيش ڪندي. تفصيلي بحث کانپوءِ هڪ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ صحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد کي ڪنوينر ۽ طارق باجوه کي ڪو – ڪنوين?? بڻايو ويو. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي موجوده ٽي او آرز سان گڏوگڏ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي، پاڪستان ۾ غيرملڪي شاگردن جي لاءِ طريقيڪار ??ي هموار ??رڻ ۽ نصاب ۾ هڪ جهڙي سميت اضافي ڪمن تي غور ڪندي. ڪميٽي جي رپورٽ پاڪستان ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽس جي موجوده صحت جي سارسنڀال جي چئلينجن جو مقابلو ??رڻ ۾ مهارت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. رپورٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ته ميڊيڪل گريجوئيٽس اسان جي شهرين کي اعليٰ سطح جي سارسنڀال فراهم ??رڻ جي لاءِ گهربل علم ۽ مهارت سان ليس آهن.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪميٽي جو پهريون اجلاس
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo