اسلام آباد– 01 – اپريل (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي تي صحيحن سان واپار کي سگهه، علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ خ??ي ۾ اقتصادي سرگرميون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان موولاموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صد?? کي ٻيو ڀيرو صد?? جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ تا??ي گئس پائيپ لائين جي جلد تڪميل جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو ويو جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي سهارو ملندو پر ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صد?? ترڪمانستان جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي صديون پراڻي ت??ريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان پاران ترڪمانستان سان گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صد?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي موجوده ڪاٿي کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. صد?? آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي. سفير صد?? کي ت??ڪمانستان جي صد?? سردار بردي محمدوف ۽ اڳوڻي صد?? گربانگولي بردي محمدوف پاران مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي ت??ڪمانستان جي سفير چيو ته پاڪ – ترڪمان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو نه رڳو ٻنهي دوست ملڪن پر خطي جي لاءِ پڻ اهم آهي. هن چيو ته معاهدي سان خ??ي ۾ وڏيون ٽرانزٽ واپاري سرگرميون شروع ٿينديون. صد?? ملاقات دوران ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مبارڪباد جي پيغام تي ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados