اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??هديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به ق??نون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. هن چيو ته غيرجانبدارا??ي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??هديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل ??هديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل ??در فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، فنانس سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عا??ل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگزيڪيوٽو باڊ?? جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عا??د علي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪباد ڏني.
صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ