اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت گستاخانا ۽ اڻوڻندڙ مواد جي ??والي سان سوشل م??ڊي?? جي مجرماڻي استعمال کي روڪڻ بابت مناسب آگاهي جي ??خت ضرورت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري جا سمورا طبقا خاص طور تي عالم سڳورا، استاد، صحافي، وڪيل، واپاري، سياسي ۽ سماجي ??ڳواڻ ۽ ادارا ملڪ ۾ گستاخانا مواد جي ??وڪٿام جي مهم ۾ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن، اهڙي مواد جي ??اتمي لاءِ هر حالت ۾ قانون جو رستو اختيار ڪندي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي لاڳاپيل ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائي وڃي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران جاري تفصيل موجب شرپسند عنصرن گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي نوجوان نسل جي ??خلاق، ڪردار ۽ عقيدن کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ سوشل م??ڊي?? جي ??ريعي هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آهي. اسان جي معاشري ۾ سوشل م??ڊي?? جي منفي ۽ مضر اثرن جو گهر ڪري وڃڻ پوري قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. بي حيائتي بذات خود ناقابل برداشت آهي پر هاڻي معاملو توهين تائين وڃي پهتو آهي جيڪا انتهائي سنگين صورتحال آهي. وزارت موجب ملڪ ۾ انتهائي منظم طريقي سان سوشل م??ڊي?? جي ??ريعي الله رب العزت، رسول اڪرم ، اهل بيت اطهار، امهارت المومنين، اصحاب رسول رضه، قرآن پاڪ ۽ قومي جه??ڊي جي ??وهين ڪئي پئي وڃي، مقدس ترين شخصيتن جا نالا انتهائي توهين آميز انداز ۾ شايع ڪيا وڃن ٿا. ان حوالي سان تصويرون ۽ وڊيوز ٺهن ٿيون جن کي مخصوص ايپس تي ۽ مخصوص گروپن ۾ شيئر ڪيو وڃي ٿو. مذهبي معاملن واري وزارت موجب ان حوالي سان ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم انهن ڏوهن ۾ ملوث هيستائين جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽرز، پروفيسرز، انجنيئرز، چارٽرڊ اڪائونٽنٽ، وڪيل ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود آهن. وزارت موجب لاهور هاءِ ڪورٽ راولپ??ڊي بئنچ ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي ??مع ڪرايل رپورٽ ۽ ليگل ڪميشن جي ??حقيق موجب پاڪستان ۾ چار لک کان وڌيڪ اڪائونٽ سوشل م??ڊي?? تي اهڙي سنگين گستاخي ۾ ملوث آهن. سوشل م??ڊي?? جي ??ريعي بي حيائي کي فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ بي حيائي جي ??ريعي نئين نسل کي گستاخي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو پيو وڃي. وزارت موجب ملڪ ۾ هن وقت 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سوشل م??ڊي?? استعمال ڪري رهيا آهن. اها برائي ڪيتري تيزي سان پکڙجي ??هي آهي ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته 2019ع ۾ 4 ماڻهن گڏجي ??لاسفيمي جو گروپ ٺاهيو. 2022ع ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم انهن چئن کي گرفتار ڪري ورتو پر جڏهن اهي گرفتار ٿيا ته ان گروپ جي ميمبرن جي ??نگ ۾ قابل قدر اضافو ٿي چڪو هو ۽ اهو اضافو اڃا تائين جاري آهي جنهن جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ فساد برپا ڪري امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪ جي ??رقي جو ڦيٿو رڪ??ي وڃي ۽ هن ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته مذهب ۽ مذهب کي مڃيندڙن ??ي وچ ۾ نفرتون پيدا ڪيون وڃن. هڪ مذهب يا مسلڪ سان هڪجهڙائي رکندڙ نالي جي ??ڪائونٽ سان ان جي مخالف مذهب يا مسلڪ جي ??وهين منظم سازش جي ??ريعي ڪئي پئي وڃي. وزارت ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده حالتن ۾ والدين جي ??ميواري سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي موبائيل، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي ??هولت مهيا ڪن ٿا، اهي ان ڳالهه تي به نظر رکن ته انهن جا ٻار سوشل م??ڊي?? تي ڇا ڏسن ٿا ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻار ناداني ۾ بي حيائي جي ??ستي تي هلي پوي ۽ فحش وڊيوز تان ٿيندي خدانخواسته گستاخي تائين وڃي پهچي. ان وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته جتي والدين کي انهن حالتن کان آگاهه ڪيو وڃي اتي معاشري کي تعليم ڏني وڃي ته اهڙي مواد جي ڪهڙي طرح به تشهير نه ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي ??اتمي لاءِ هر حالت ۾ قانون جو رستو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن معاشري ۾ قانون جي ??ڪمراني سان گڏ اهڙي قسم جي ڏوهن جو خاتمو ٿي سگهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم هيستائين 140 ماڻهو گرفتار ڪيا آهن جنم ان 11 ماڻهن کي هيستائين ٽرائل ڪورٽ موت جي ??زا جو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي. 2 ماڻهن کي موت جي ??زا هاءِ ڪورٽ کان به ڪنفرم ٿي چڪي آهي. سڄي ملڪ ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جا 15 ٿاڻا آهن، انهن سمورن ٿاڻن ۾ بلاسفيمي سيل قائم ٿي چڪا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت اپيل ڪئي ته جتي به سوشل م??ڊي?? تي گستاخي جو مواد نظر اچي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي لاڳاپيل ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائين. سمورن ٿاڻن ۾ بلاسفيمي سيل ايڪٽو آهي ۽ اهڙي درخواست تي فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. گستاخي ڪندڙ ڏوهاري ڪا به ايپ استعمال ڪري رهيو هجي، ڪنهن به ويب سائيٽ تي گستاخانا مواد شيئر ڪري رهيو هجي يا ڪا وي پي اين استعمال ڪري رهيو هجي ??ن کي سائبر ڪرائيم ٽيڪنالاجي ??ي ذريعي ٽريس ڪري ٿي ۽ ان کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا رڪاوٽ يا مشڪل پيش اچي ته ايف آءِ اي کي قانوني ڪارروائي جي لاءِ 111345786 – 051 نمبر تي شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي جڏهن ته گستاخانا مواد کي بلاڪ ڪرائڻ جي لاءِ پي ٽي اي/ ايف آءِ اي سان http://complaint.pta.gov.pk/[email protected] لنڪ تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
معاشري جا سمورا طبقا، عالم، استاد، صحافي، وڪيل، واپاري، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ادارا ملڪ ۾ گستاخانا مواد جي روڪٿام جي مهم ۾ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن: مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena