اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ??رڻ جي ضرورت آهي. آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيا?? ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئين جي خالق ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريا?? ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ??رڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ وڃايو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي سلام پيش ڪريا?? ٿي جن آئين ۽ جمهوريت جي ان سفر ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي رهنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي سمورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي. هن چيو ته هي ??هي?? ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي تعمير لاء?? گڏجي ڪم ڪريون.
پاڪستان جي آئين جي پاسداري ڪندي هڪ پرامن ۽ خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria