آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تر?? قوم تمام ب??اد?? ۽ عظيم قوم آهي، زلزلي کان متاثر ترڪ ڀائرن جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين، عالمي برادري ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اڳتي اچي، ??مي?? آهي ته رجب ??يب اردوان جي قيادت ۾ تاريخ جي ان بدترين الميي کي منهن ڏيڻ ۾ تر?? قوم ڪ??مي??ب ٿيندي. ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقي آديامان جي دوري جي موقعي تي ترڪيه جي سرڪاري ٽي وي آر ٽي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۾ بدترين زلزلي سان 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ وڏيون ملڪيتون تباهه ٿيون آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته رجب ??يب اردوان جي قيادت ۾ متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جو هدف ڪ??مي??بي سان حاصل ڪيو ويندو پر جن ماڻهن جا پيارا هن زلزلي جي ڪري انهن کان وڇڙي ويا ??هن اهي انهن کي واپس نه ٿا ملي سگهن، هزارين ماڻهن سان ائين ٿيو ته انهن جا پيارا انهن کان وڇڙي رهيا ??هن، آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران متاثرين سان تعزيت، همدرديءَ ۽ يڪجهتي جي لاءِ آيو آهيان، هن سانحي ۾ مارجي ويندڙن جي لاءِ دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن جن جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان ان وقت تائين سک سان نه ويهندو جيستائين آخري متاثر شخص واپس پنهنجي گهر ۾ اباد نه ٿو ٿي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هي انساني الميو عالمي برادري جي بيدار ٿيڻ جي لاءِ ڪال آهي، عالمي برادري، گڏيل قومون، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ ٻيا ??المي فورمز مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي ب??اد?? عوام سان گڏ بيهن، ترڪيه اڳ ۾ به اهڙن چئلينجن کي ڪ??مي??بي سان منهن ڏنو ۽ مقابلو ڪيو آهي، ??مي?? آهي ته تر?? قوم تاريخ جي ان انساني الميي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪ??مي??ب ٿيندي، عالمي برادري تي اڳتي اچي ۽ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هي سياست ۽ ذات جي نه هي بقاءَ جي جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا پراڻا ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، هو ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي امدادي ڪمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ترڪ ڀائرن جي مدد اسان جو فرض آهي، اسان هڪ خاندان وانگر آهيون، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي، ترڪ حڪومت شهرين جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ترڪيه ۾ ايندڙ زلزلو تاريخ جو شديد ترين زلزلو هو.
ترڪ قوم تمام بهادر ۽ عظيم قوم آهي، زلزلي کان متاثر ترڪ ڀائرن جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين، عالمي برادري ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اڳتي اچي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II