اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀ??و زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بل??ول ڀ??و زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پا??ستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سا?? مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سا?? گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پا??ستان جي عزم تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔