اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينه?? جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوء?? وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چي?? جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چي?? جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوء?? وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابط?? جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چي?? جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪ?? جي وزيراعظم?? جي وچ ۾ وفد?? جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيال?? جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ وسيع تر ٻ??رف?? لاڳاپ?? جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو
مضمون کا ماخذ : apostas quina