اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صار?? کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ??ند?? قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪمپني باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو هجڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپني باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صار?? کي جائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان ا??ڪا?? ڪيو، جنهن تي شڪايت ??ند?? انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ??ند?? جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر کي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صار?? کي باهه لڳڻ جي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر پاران هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ