اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل 5 لک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پوسٽ آفيس کي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 لک رپين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفاقي محتسب پاڪستان پوسٽ کي شڪ????ت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان پوسٽ شڪ????ت ڪندڙ جي پينشن رهتن مان 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪ????ت ڪندڙ وفاقي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان پوسٽ آفيس جي سروس رهتن مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي آه??. و??اقي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان پوسٽ کي شڪ????ت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي هئي. پاڪستان پوسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي ??ي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد، سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون