اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ۽ زرداري ڪرپشن جا وڏا سائنسدا آهن، ملازمن جي اڪائونٽس ۾ ايندڙ اربين رپين جو حساب ڏيڻو پون??و، بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پارلياماني بورڊ قائم ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿي رهيو آهي، بلدياتي چونڊن جي حوالي سان بااختيار نظام ڏئي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار فرخ حبيب صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پنهنجي ضلعي تنظيمن کان پڻ تجويزون ورتيون وينديون، منڊي بهاءُ الدين جو جلسو ڪامياب رهيو، عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور ??عت??اد جو اظهار ڪيو آهي، پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ضلعي ترقياتي بجيٽ ڏني وئي آهي، آصف زرداري ۽ شهباز شريف جي ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، شهباز شريف ۽ زرداري ڪرپشن جا وڏا سائنسدان آهن. فرخ حبيب چيو ته ملازمن جي اڪائونٽس ۾ ايندڙ اربين رپين جو حساب ڏيڻو پوندو.
شهباز شريف ۽ زرداري ڪرپشن جا وڏا سائنسدا آهن: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز