اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خر??ج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسا?? اي پي ايس سانحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن ??وم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ايس سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ ??سڪ??ل جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ ??سڪ??ل جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.
چوڌري فواد حسين پاران اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری