اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج ??ون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ ڪينسر ڪيئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر شهريار، پروفيسر ڊاڪٽر اريشه زمان ۽ پ??وفيسر ڊاڪٽر نبيله شامي به موجود هيون. پروفيسر ڊاڪٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ته ٻين کي علاج ??ون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ڪيسر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي بن?? معاوضي علاج ??ون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪينسر ڪيئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بن?? معاوضي علاج ??ي سهولتن کي ساراهيو.
ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن